SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


اڳواٽ- اڳڀرو بچاءُ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


اڳواٽ- اڳڀرو بچاءُ

Forward Defence

فارورڊ ڊفينس

جنگي هنر ۾ ڪتب ايندڙ اصطلاح ، جيڪو ڪنهن به ملڪ طرفان دشمن جو نشانو بڻجڻ کان بچڻ لاءِ ملڪي سرحدن يا ان کان ٻاهريان مهاڏو اٽڪائڻ جي تياريءَ جي سلسلي کي چٽو ڪندو آهي . هن تصور هيٺ ڪو به ملڪ پنهنجي اڳواٽ بچاءَ جو بندوبست ڪندي ، دشمن جي امڪاني حملي جو ٽوڙ ڳولي ڇڏيندو آهي . هي اصطلاح ’ٿڌي لڙائيءَ‘ واري دور ۾ سوويت-آمريڪي ٽڪراءَ جي حوالي سان مشهور ٿيو . جنهن مطابق ٻنهي عالي طاقتن پاڻ کي ٻيءَ ڌر طرفان ٿيندڙ امڪاني اڳرائيءَ کان محفوظ رکڻ لاءِ ، نه رڳو ملڪي سرحدن تي زبردست انتظام ڪيا ، پر اتحادي ملڪن ۾ فوجي اڏا قائم ڪرڻ ۽ فوجون رکڻ ذريعي هڪٻئي لاءِ چتاءَ ڀريو ماحول پيدا ڪري ڇڏيو . ان چال ذريعي ٻنهي طاقتن پنهنجي علائقي ۽ عوام کي سڌو سنئون حملي جو بک بڻجڻ کان بچائي ورتو . ’اڳڀري بچاءَ‘ جي تصور هيٺ آمريڪا طرفان اولهه يورپ ، جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا سميت مختلف اتحادي ملڪن ۾ فوجون رکيون، جڏهن ته ساڳئي حڪمت عمليءَ هيٺ سوويت يونين طرفان اوڀر يورپ ،ڪيوبا ۽ افغانستان ۾ فوجي اڏا کوليا


Remember Me Also:

آسيس ڏيڻ

دُعاڪرڻ. سُک ڏيڻ. دل کي تسڪين بخشڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal